APP62-15 PESHAWAR: February 15 - Prime Minister Imran Khan addressing the health card distribution ceremony at Governor House. APP

پشاور – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قبائلي ضلعن جي عوام جي تيز ترقي پهرين ترجيح آهي، وفاق ۽ صوبا گڏجي قبائلي ضلعن جي پائيدار ترقي ۽ ماڻهن جون محروميون ختم ڪرڻ لاءِ هڪ وسيع ۽ ڪل وقتي ترقياتي عمل جي ذريعي قدم کڻندا، بهتر ۽ جامع سيڪيورٽي قدمن جي نتيجي ۾ امن قائم ٿي چڪو آهي، اڳوڻي فاٽا جي عوام مشڪل صورتحال مان نڪري آئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي هڪ ڏينهن جي پشاور جي دوري دوران ٽن مختلف اجلاسن کي خطاب ڪندي ڪيو.