APP30-11 ISLAMABAD: February 11 - Chairman Senate, Muhammad Sadiq Sanjrani exchanging views with Federal Minister for Water Resources, Faisal Vawda, Leader of the House in the Senate, Senator Syed Shibli Faraz and Chairman WAPDA, Lt. Gen. (R) Muzammil Hussain at Parliament House. APP

اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا ۽ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين ساڻس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس ملڪ ۾ جاري ترقياتي مصنوبن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين سڄي ملڪ ۽ خاص طور تي بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ جاري منصوبن جي جلد تڪميل ۽ کوٽ وارن علائقن ۾ نوان منصوبا شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.