اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر سيد شبلي فراز چيو آهي ته خطي جي ترقي اسان جو گڏيل ويزن آهي ۽ سي پيڪ ان جو هڪ مثال آهي، وزيراعظم عمران خان ترقي ۽ خوشحالي جو ويزن کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي، بين الپارليماني رابطن ۽ وفدن جي مٽاسٽا کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي عوامي سياسي مشاورتي ڪانفرنس جي نائب چيئرمين گائوين لانگ سان ملاقات دوران ڪيو.