APP60-15 ISLAMABAD: January 15 - Former US Ambassador to Pakistan Cameron Munter called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي تڪرار جي سياسي حل جي مڪمل حمايت ڪري ٿو جيڪو ان تڪرار کي ختم ڪرڻ جو واحد قابل عمل حل آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ آمريڪا جي اڳوڻي سفير ڪيمرون منٽر سان وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ۾ڳالهائيندي چئي. ڪيمرون منٽر 2010ع کان وٺي 2012ع تائين پاڪستان ۾ آمريڪا جو سفير رهي چڪو آهي.