APP66-10 ISLAMABAD: January 10 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting of the Federal Cabinet at PM Office. APP

اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اي سي ايل جائزه ڪميٽي پاران 20 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش رد ڪري ڇڏي آهي، جعلي اڪائونٽس معاملي ۾ 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ برقرار آهن، سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي کانپوءِ اي سي ايل ۾ وڌل نالن جو جائزو يا فيصلي تي نظرثاني جي اپيل داخل ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو.