APP69-15 ISLAMABAD: January 15 - Prime Minister Imran Khan in a meeting with participants of National Security Workshop Balochistan at PM Office. APP

اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ورڪشاپ پاڪستان آرمي ۽ بلوچستان حڪومت جي حصيداري سان منعقد ڪيو ويو آهي ته جيئن شرڪت ڪندڙن کي اهم قومي سيڪيورٽي معاملن بابت معاملن کان آگاهي فراهم ڪري سگهجي. شرڪت ڪندڙن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر، صوبائي اسيمبلي ميمبر، واپاري اڳواڻ، ميڊيا نمائندا ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل هئا.