APP70-10 ISLAMABAD: January 10 - Chaudhry Fawad Hussain, Federal Minister for Information and Broadcasting and Makhdoom Khusro Bakhtiyar, Federal Minister for Planning, Development & Reform and Deputy Chairman Planning Commission briefing the media persons about the decisions taken in the Federal Cabinet meeting. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) شماريات، منصوبابندي، ترقي سڌارن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار چيو آهي ته موجوده حڪومت جي پهرين 5 مهينن دوران ناڻي واڌ جي شرح گذريل ٽن حڪومتن جي ايتري ئي مدي جي تناسب کان گهٽ آهي، 17 هزار رپيا ماهوار تائين آمدني وارن تي ناڻي واڌ ۾ اضافي جو اثر نه پوندو، گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ماهوار قسط ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ اضافي جي تناسب سان اضافو ڪيو ويندو. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ شماريات ڊويزن واري سيڪريٽري سان گڏ ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.