APP65-15 KARACHI: January 15 – Chaudhry Fawad Hussain, Federal Minister for Information and Broadcasting talking to media at the residence of Haleem Adil Shaikh, Member of Provisional Assembly Sindh. APP

ڪراچي – 15 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽ سنڌ ۾ ٻيون اتحادي پارٽيون پاڪستان تحريڪ انصاف سان گڏ بيٺل آهن. اها ڳالهه هن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته آئون حيران آهيان ته نيب اڃا تائين آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ مراد علي شاهه کي گرفتار ڇو ناهي ڪيو ڇو ته ان ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ جي ضرورت نه آهي.