APP69-10 ISLAMABAD: January 10 - Chaudhry Fawad Hussain, Federal Minister for Information and Broadcasting and Makhdoom Khusro Bakhtiyar, Federal Minister for Planning, Development & Reform and Deputy Chairman Planning Commission briefing the media persons about the decisions taken in the Federal Cabinet meeting. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اي سي ايل جائزه ڪميٽي پاران 20 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش رد ڪري ڇڏي آهي، جعلي اڪائونٽس معاملي ۾ 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ برقرار آهن، سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي کانپوءِ اي سي ايل ۾ وڌل نالن جو جائزو يا فيصلي تي نظرثاني جي اپيل داخل ڪري سگهون ٿا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ شماريات واري وفاقي وزير خسرو بختيار ۽ شماريات ڊويزن واري سيڪريٽري سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.