APP57-16 ISLAMABAD: January 16 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting of National Oversight Committee on adaptive re-use of public buildings having heritage value at PM office. APP

اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي ۽ مذّهبي سياحت وارين عمارتن جي نقشي سازي (ميپنگ) کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته تاريخي ۽ ثقافتي ورثي وارين عمارتن جي اصل مالڪ عوام آهي، سرڪاري عمارتن جي مناسب استعمال سان گڏوگڏ انهن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ سوچ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ثقافتي ورثي وارين سرڪاري عمارتن جي ٻيهر استعمال جي قومي نگران ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.