ميڊيا مالڪن ۽ حڪومت ۾ اشتهارن جي ريٽ تي معاهدو طئي ٿيو آهي: چوڌري فواد حسين

اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ميڊيا مالڪن ۽ حڪومت جي وچ ۾ اشتهارن جي ريٽ تي معاهدو طئي ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) حڪومتي اشتهارن جي ريٽس ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ ان حوالي سان چيو ته قيمتن ۾ گهٽتائي سان حڪومت کي اربين رپين جي بچت ٿيندي. ٻئي طرف اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب وزارت اشتهارن جي قيمتن بابت معاملي کي خوش اسلوبي سان حل ڪري ورتو.