APP65-05 ISLAMABAD: December 05 - National Security Advisor to the Prime Minister of Japan, Kentaro Sonoura called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ جاپاني سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، انفرااسٽرڪچر ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ وسيع تر تعاون جي فروغ جي ضرورت آهي، هن اها ڳالهه جاپان جي وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڪينتاروسونورا سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.