APP24-26 ISLAMABAD: December 26 – President Dr. Arif Alvi talking to Federal Ombudsman Syed Tahir Shahbaz who called on him. APP

اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي محتسب کي شڪايتون جمع ڪرائڻ جي حوالي سان عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي عوامي مهم شروع ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ سڄي ملڪ ۾ ٽه ماهي بنياد تي سيمينارن جو اهتمام ٿيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه وفاقي محتسب سيد طاهر شهباز سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.