APP80-07 ISLAMABAD: December 07 - Wang Yundan, Chairman Shanghai Electric Power (SEP) along with his delegation called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بجلي جي شعبي ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ پاور ڪمپني جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فيصلي جي آجيان ڪندي ان ڳالهه کي ورجايو آهي ته حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه شنگهائي اليڪٽرڪ پاور جي چيئرمين وانگ يندان سان ڳالهائيندي چئي جنهن وفد سان گڏ وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.