APP64-05 ISLAMABAD: December 05 - US Secretary of State’s Special Representative for Afghanistan Reconciliation, Ambassador Zalmay Khalilzad paying a courtesy call on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۾ امن جي مقصد لاءِ امن ۽ مصالحت جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي باري ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي خط جي آجيان ڪئي آهي، جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان هتي افغان مصالحتي عمل لاءِ آمريڪي پرڏيهي وزير جي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد خير سگالي ملاقات ڪئي.