APP88-07 ISLAMABAD: December 07 - President Dr. Arif Alvi addressing the 6th PIMS Symposium 2018 on 'Transforming Health Care. APP

اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عوام کي صحت جي حوالي سان تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي ذميداري آهي، ماڻهن ۾ بيمارين کان بچاءُ ۽ انهن جي بروقت سڃاڻپ جي اهميت اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، احتياط ۽ پرهيز جي ذريعي بيمارين جي روڪٿام سان گڏوگڏ ان مد ۾ ٿيندڙ خرچن جي به بچت ٿيندي، علاج جي عمل ۾ همدردي جي عنصر کي شامل ڪري بهترين نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا، ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ هيلٿ سمپوزيم جي افتتاحي تقريب کي ڪري رهيو هو.