مدينه منوره – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مدينه منوره ۾ روضه رسول صه تي حاضري ڏني ۽ ظهر جي نماز ادا ڪئي. صدر رياض الجنه ۾ به نوافل ادا ڪيا ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون. هن مسلمان امت جي سلامي ۽ امت جي مسئلن جي حل لاءِ به دعا ڪئي، ان کانپوءِ صدر پاڪستان جنت البقيع ويو.