APP78-04 ISLAMABAD: December 04 - Simon Milner, Vice President of Public Policy, Facebook Singapore, called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جعلي خبرن، تشدد ۽ نفرت انگيز مواد کي پکيڙڻ ۾ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال جي موثر روڪٿام لاءِ مضبوط نظام جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه فيس بڪ سنگاپور جي پبلڪ پاليسي جي نائب صدر سائمن ميلز سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم افيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.