APP90-11 ISLAMABAD: December 11 - Luca Vignati, Executive Vice President Central Asia Region of ENI, Italian multinational oil and gas company called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداوار سميت مختلف شعبن ۾ موجود وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ سيڙپڪارن کي سازگار ماحول مهيا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي جڏهن ته ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هن اها ڳالهه تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ اطالوي ملٽي نيشنل ڪمپني ”اي اين آئي“ جي سينٽر ايشيا ريجن جي ايگزيڪيٽو وائيس پريذيڊنٽ لوڪا وگناتي سان ڳالهائيندي چئي جنهن وفد سان گڏ وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.