APP49-06 ISLAMABAD: December 06 - President Dr. Arif Alvi addressing the ceremony in connection with Universal Children Day organized by Pakistan Bait-Ul-Mal. APP

اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومت ۽ ميڊيا سميت معاشري جي سمورن طبقن تي زور ڏنو آهي ته هو ٻارن سان زيادتي جي روڪٿام جي لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن جڏهن ته هڪجهڙن موقعن جي فراهمي جي ذريعي يتيم ۽ لاچار ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، هن اها ڳالهه پاڪستان بيت المال جي اهتمام هيٺ ٿيليسيميا سينٽر ۾ ٻارن جي عالمي ڏينهن جي تقريب کي خطاب ڪندي ئي. تقريب ۾ خاتون اول ثمينه علوي، ايم ڊي بيت المال عون عباس، ڪابينا ڊويزن جي اسپيشل سيڪريٽري شائسته سهيل ۽ مختلف شهرن جي سوئيٽ هومز کان ايندڙ ٻارن جو وڏو تعداد موجود هو.