APP67-05 ISLAMABAD: December 05 - Prime Minister Imran Khan during telephonic call with Bill Gates, Co-Chairman of Bill & Melinda Gates Foundation. APP

اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي ڪمپني مائيڪرو سافٽ ڪارپوريشن جي باني ۽ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس پوليو جي خاتمي جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن کي ساراهيندي مختلف شعبن ۾ پنهنجو تعاون جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ بل گيٽس جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي.