APP30-11 ISLAMABAD: December 11 - Speaker National Assembly Asad Qaiser in a meeting with ministers at Parliament House. APP

اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اسٽينڊنگ ڪميٽيون ايوان ۾ قانونسازي جون روح آهن اميد آهي ته هلندڙ اجلاس دوران ئي ڪميٽين جي قيام ۾ سڀئي رڪاوٽون ختم ٿي وينديون، پارليامينٽ هائوس ۾ حڪومتي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، پارلياماني معاملن وارو مملڪتي وزير علي محمد خان، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، چيف وهپ ملڪ محمد عامر ڊوگر ۽ قانون ۽ انصاف واري پارليماني سيڪريٽري مليڪا علي بخاري شرڪت ڪئي.