APP56-04 BEIJING: November 04 - Prime Minister Imran Khan is being received by Vice Mayor of Shanghai Mr. Peng Chenlei upon arrival in Shanghai. APP

شنگهائي – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنهنجي چين جي دوري دوران شنگهائي پهچي ويو. شنگهائي پهچڻ تي وزيراعظم جو استقبال شنگهائي جي نائب ميئر پنگ چن لي ڪيو. وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر، منصوبابندي وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان پڻ وفد ۾ شامل آهن.