APP100-12 ISLAMABAD: November 12 – Lt. Gen, Ghanim Bin Shaheen Al Ghanim, Chief of Staff of Qatar Armed Forces calls on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قطر جي هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل غانم بن شاهين الغانم ملاقات ڪئي. هن وزيراعظم کي قطر جي امير ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاڳاپن کي گڏيل مفاد ۾ اڳتي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو ويو.