APP75-26 ISLAMABAD: November 26 - President Dr. Arif Alvi talking to Rear Admiral (Pilot) Saeed bin Hamdan bin Mohammad Al Nehyan Commander UAE Naval Forces who called on him. Chief of the Naval Staff Admiral Zafar Mahmood Abbasi in also present. APP

اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي متحده عرب امارات جي بحريه جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل (پائليٽ) سعيد بن حمدان بن محمد النهيان کي پاڪستان جو اعليٰ عسڪري اعزاز هلال امتياز ملٽري عطا ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس اهو اعزاز سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ منعقد پروقار تقريب جي دوران ڏنو. تقريب ۾ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، ان کان اڳ ريئر ايڊمرل (پائليٽ) سعيد بن حمدان بن محمد النهيان صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي.