APP10-06 ISLAMABAD: November 06 - President Dr. Arif Alvi talking to Ambassador of Saudi Arabia Nawaf bin Said Al-Malki who called on him. APP

اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب جو توانائي وارو وزير پاڪستان ۾ آئل ريفائنري قائم ڪرڻ بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ جي لاءِ جلد پاڪستان جو دورو ڪندو، پنهنجي دوري دوران هو ٻين وڏن منصوبن کي به حتمي شڪل ڏيندو جن ۾ سعودي عرب دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. اها ڳالهه پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد بن مالڪي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ۾ ٻڌائي.