APP39-25 ISLAMABAD: October 25 – Federal Minister of Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain along with Federal Minister for Finance, Revenue, and Economic Affairs Asad Umar and Federal Minister for Power, Omar Ayub Khan addressing press conference. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ماهوار 300 کان گهٽ يونٽس استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين ۽ زرعي ٽيوب ويلز جي لاءِ بجلي جون قيمتون نه وڌائڻ جو فيصلو ڪندي وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙ 30 سيڪڙو صارفين جي لاءِ هڪ روپيو 27 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا نيب جي آفيسرن کي ڪرپٽ ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ آفيشل پاسپورٽ جاري ڪرڻ، ليفٽيننٽ جنرل عبدالله ڊوگر کي هيوي انڊسٽريز ٽيڪسلا (ايپ آءِ ٽي) جو چيئرمين مقرر جي منطوري ڏني جڏهن ته تعليم واري وزير شفقت محمود کي ڀرتين جي لاءِ نيشنل ٽسيٽنگ سروس (اين ٽي ايس) جي معيار کي بهتر بڻائڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، پاڪستان 2022ع ۾ پهريون پاڪستاني مشن خلا ۾ موڪليندو، وزيراعظم عمران خان جي درخواست تي سعودي عرب پاڪستانين جي لاءِ ويزا فيس 2 هزار ريال کان گهٽ ڪري ڇڏي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر ۽ پاور ڊويزن جو وفاقي وزير عمر ايوب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏني.