APP57-22 ISLAMABAD: October 22 - Chief of State Border Services of Azerbaijan, Colonel General Elchin Guliyev called on President Dr. Arif Alvi at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي ڀائراڻن ۽ ويجهن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ سمورن شعبن ۾ رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه آذربائيجان جي اسٽيٽ بارڊر سروس جي سربراهه ڪرنل جنرل ايلچن گوليوف سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.