APP50-13 ISLAMABAD: October 13 - President Dr Arif Alvi addressing the Clean and Green Pakistan Campaign. APP

ڪراچي – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام ۽ لاڳاپيل حڪومتي ادارن تي زور ڏنو آهي ته اهي صاف ۽ سرسبز شاداب مهم ۾ گڏيل طور تي حصو وٺي ان اهم قومي مهم کي ڪامياب بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن 5 سالا صاف ۽ سرسبز ۽ شاداب پاڪستان مهم جي ايڪشن ڊي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پيغمبر اسلام حضرت محمد صه پنهنجي پوئلڳن کي پنهنجي ماحول کي صاف سٿرو ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي.