APP31-15 ISLAMABAD: October 15 - President Dr. Arif Alvi addressing the International Conference “Global Non-Proliferation Regime: Challenges and Response”. APP

اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت سماجي شعبي جي ترقي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ائٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل نه آهي، خطي جي سمورن ملڪن ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون. مقامي هوٽل ۾ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز انسٽيٽيوٽ اسلام آباد جي اهتمام هيٺ عالمي ائٽمي عدم پکيڙ نظام، چئلينج ۽ ردعمل جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ائٽمي هٿيار رڳو دفاع جي لاءِ آهن، پاڪستان دنيا ۾ ائٽمي عدم پکيڙ جو حامي آهي.