APP45-15 ISLAMABAD: October 15 - H.E. Martin Kobler, Ambassador of Germany called on Chaudhary Fawad Hussain, Federal Minister for Information and Broadcasting. APP

اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان جرمني جي سفير مارٽن ڪوبلر ملاقات ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران صحت، تعليم ۽ ماحوليات جي خصوصي اهميت ۽ سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏيڻ جي قدمن کي ساراهيو آهي. جرمن سفير مارٽن ڪوبلر اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن حڪومت جي ڪرپشن جي خاتمي واري ايجنڊا ۽ اداراجاتي سڌارن طرف اڳڀرائي کي ساراهيو. جرمن حڪومت پاران ان سلسلي ۾ ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.