APP79-03 ISLAMABAD: September 03 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting on provision of low-cost housing at PM Office. APP

اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گهٽ لاڳت جي 50 لک گهرن جي تعمير کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي ملڪ ۾ رهائشي مسئلن جي حل لاءِ هائوسنگ اينڊ ورڪس واري سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي لاڳاپيل ماهرن ۽ کاتن جي نمائندن جي مشاورت سان ٺوس حڪمت عملي جوڙيندي هڪ هفتي جي اندر وزيراعظم کي پنهنجون شروعاتي سفارشون پيش ڪندي. هو وزيراعظم آفيس ۾ گهٽ لاڳت جي 50 لک گهرن جي تعمير بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.