APP12-05 ISLAMABAD: September 05 - Federal Minister for Information and Broadcasting Fawad Ahmed Chaudhry and Special Assistant to the Prime Minister on Accountability, Mirza Shahzad Akbar addressing a press conference. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ٻاهرئين ملڪن مان پاڪستاني پئسو واپس آڻڻ جي لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ خصوصي يونٽ قائم ڪرڻ، وفاقي وزير شفقت محمود جي سربراهي ۾ تعليمي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ، تربيلا ڊيم توسيع منصوبي ۾ 25 ارب رپين جي نقصان جي جاچ، بنيادي تعليم جي لاءِ هڪ جهڙو نصاب متعارف ڪرائن، ٻارن سان زيادتي ۽ چائيلڊ ليبر جي روڪٿام جي لاءِ قدمن، پينو فقير ٻارن ۽ عورتن لاءِ خصوصي سينٽر قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم جي احتساب واري صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏني.