APP59-16 KARACHI: September 16 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting on development projects funded by the Federal Government. APP

ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت پاران جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي چيف سيڪريٽري ميجر (ر) اعظم سليمان خان، ڪمشنر ڪراچي محمد صالح فاروقي، ميئر ڪراچي وسيم اختر کانسواءِ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۽ سنڌ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.