APP54-23 LAHORE: September 23 – Prime Minister Imran Khan meeting with Directors of Anti-Corruption Department Punjab at CM Office. APP

لاهور – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي پنجاب جي ڊائريڪٽرن جو اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال جو وڏو سبب ڪرپشن آهي، حڪومتي ادارن ۾ بدعنواني، رشوت خوري ۽ ٻين بدانتظامين جي ڪري اڄ عوام جو اعتماد ختم ٿي چڪو آهي ۽ ان اعتماد جي بحالي اسان جي اولين ترجيح آهي.