APP38-14 ISLAMABAD: September 14 - Turkish Foreign Minister Mevlut Cavusoglu called on President Dr. Arif Alvi at the Aiwan-e-Sadr. Foreign Minister Makhdoom Shah Mahmood Qureshi is also present. APP

اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ترڪ پرڏيهي وزير ميولٽ شاوس اوولو ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ترڪ پرڏيهي وزير ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي طرفان پاڪستان جي نئين قيادت لاءِ مبارڪباد جو پيغام کڻي آيو آهي، ترڪ پرڏيهي وزير صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪي جي صدر ۽ عوام جي طرفان پاڪستان جي نئين حڪومت لاءِ نيڪ خواهش پهچايون.