APP31-20 ISLAMABAD: September 20 – Federal Minister for Information and Broadcasting, Chaudhry Fawad Hussain, addressing a Press Conference. APP

اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي (سي پيڪ) ۾ ٽئين حصيدار طور شامل ٿيڻ جي لاءِ سعودي عرب کي باقاعده دعوت ڏني وئي آهي ۽ ان حوالي سان چين کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، سعودي عرب سي پيڪ ۾ ٽيون اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنر هوندو، سعودي عرب سي پيڪ ۾ سڌوسنئون سيڙپڪاري ڪندو،. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته عاشوره محرم الحرام جي موقعي تي پوري قوم حضرت امام حسين رضه کي هديه تبرڪ پيش ڪري ٿي. هن چيو ته ڪربلا جو واقعو حق ۽ باطل جي جنگ آهي ۽ حق ۽ باطل جي جنگ قيامت تائين جاري رهندي.