APP61-16 KARACHI: September 16 - Prime Minister Imran Khan addressing at the fund raising event for Dam at Governor House. APP

ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تبديلي مٿان کان هيٺ ايندي آهي، اسان تبديل ٿينداسين ته پوءِ عوام ۾ تبديلي ايندي، جڏهن ائين ٿيندو ته ڊيم به ٺهندا، قرض به لهندا ۽ هي ملڪ عظيم ملڪ بڻجندو، ديامر ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم تي گڏ ڪم شروع ڪنداسين. هو ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڊيمز جي لاءِ فنڊ ريزنگ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير ۽ وڏي انگ ۾ سرندي وارن ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن ڊيمز فنڊ جي لاءِ وڏي رقم عطيو ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڻي تي جڏهن کيس بريفنگ ڏني وئي ته خيال آيو ته پاڪستان ۾ پاڻي ذخيرن جي ڪيتري ضرورت آهي، ماضي ۾ ان طرف ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، پاڪستان ۾ پاڻي تي سڀ کان وڌيڪ ڪم هڪ آمر ايوب خان جي دور ۾ ٿيو، ان سان پاڪستانين کي سستي بجلي ملي جڏهن ته بعد ۾ اسان سستي بجلي جي ذريعن کي ڇڏي مهانگي بجلي طرف هليا وياسين ۽ پاڻي ذخيرن تي ڪو ڌيان نه ڏنو.