APP52-14 ISLAMABAD: September 14 - Prime Minister Imran Khan addressing civil servants at PM Office. APP

اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تبديلي جي لاءِ اسان کي نوآبادياتي ذهنيت کان ٻاهر نڪرڻ ۽ مالڪ ۽ نوڪر طرف حڪمراني تبديل ڪرڻي پوندي، قوم کي قرضن جي ڪلاسيڪي چنبي مان ڪڍڻ لاءِ سياستدانن، بيوروڪريسي ۽ عوام کي پنهنجو پاڻ کي بدلائڻو پوندو، دنيا ۾ ڪا شيءِ ناممڪن نه آهي، تبديلي ان وقت ايندي جڏهن اسان کي عوام جي ٽيڪسن مان گڏ ٿيل هڪ هڪ روپئي جي خرچ جو احساس هجي. وزيراعظم آفيس ۾ سول سرونٽس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ پاڪستان کي جيترا چئلينج درپيش آهن ماضي ۾ انهن جو مثال نٿو ملي، 10 سالن ۾ قرضن جو ماپو 6 ٽريلين مان وڌي 30 ٽريلين روپين تائين پهچي چڪو آهي، پاڪستان صرف وياج جي مد ۾ روزانو 6 ارب روپيا ڏئي رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ٻين ضروري ملڪي معاملن جي لاءِ وسيلن جي فراهمي جا مسئلا سامهون ايندا آهن تنهن هوندي به ان مان نڪرڻ جا رستا موجود آهن.