APP90-06 ISLAMABAD: September 06 - United Nations High Commissioner for Refugees, Filippo Grandi called on Foreign Minister Makhdoom Shah Mahmood Qureshi at Foreign Office. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان پناهگيرن جي باعزت واپسي جي لاءِ مسلسل عالمي يڪجهتي جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب يو اين آفيس جو انڊر سيڪريٽري جنرل مارڪ لوڪوڪ پڻ ساڻس گڏ هو.