APP31-28 ISLAMABAD: August 28 - Chaudhary Fawad Hussain, Federal Minister for Information and Broadcasting chairing a high level meeting at External Publicity Wing, Ministry of Information & Broadcasting. APP

اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۾ پرڏيهي ميڊيا جي سهولت ۽ آسان پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سمورا ضروري قدم کڻندي، پاڪستان اسرندڙ ۽ منفرد ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، نه رڳو وسيع تر سياحتي موقعا پر ان جي شاندار روايتن، بنيادي قدرن، ميلن واري ثقافتي منظرنامي کي پڻ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن اها ڳالهه اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.