APP09-06 ISLAMABAD: August 06 – Minister of IBNH and Literary Heritage, speaks at the seminar “Crossroads of Regional Integration” organized by Institute of Regional Studies at a ISSI Library. APP photo by Irfan Mahmood

اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي اندروني معاملن خاص طور تي معاشي پاليسي ۾ ڪنهن کي به مداخلت ڪرڻ نه ڏيندو، سارڪ ملڪ علائقائي تعاون ذريعي خطي ۾ ترقي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، عدم برابري، وڌندڙ آبادي، توانائي ۽ پاڻي بحران وڏا چئلينجز آهن جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جنگي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان هڪ مستحڪم افغانستان ڏسڻ چاهي ٿو، ان لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، پوري دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ دهشتگردي خلاف ايتريون قربانيون ناهن ڏنيون. هو انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز (آءِ ايس ايس آءِ) ۾ علائقائي اسٽريٽجڪ ۽ يڪجهتي جي حوالي سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.