APP53-14 ISLAMABAD: August 14 - Federal Minister for IBNH&LH, Syed Ali Zafar, witnessing Miniature and Photographic Exhibition along with H.E Mr Yao Jing, Ambassador of China at PNCA. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته پاڪستان هڪ عظيم قوم آهي، قوم محنت ۽ جذبي سان ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي اعليٰ منزلن تائين وٺي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿي، آزادي جي ڏهاڙي تي اسان سڀني کي اهو ئي سوچڻو پوندو ته اسان هن ملڪ کي ڇا ڏنو آهي، آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي تصويري ۽ مني ايچر پينٽنگز جي نمائش ڪندڙ مبارڪباد جا مستحق آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي يوم آزادي جي موقعي تي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) ۾ منعقد تصويري ۽ مني ايچر پينٽنگز جي نمائش جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.