APP53-06 ISLAMABAD: August 06 - Prime Minister Justice (Retd) Nasir-ul-Mulk and Chief of Air Staff, Air Chief Marshal Mujhaid Anwar Khan attending a briefing at Pakistan Aeronautical Complex. APP

ڪامره – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالمڪ پاڪستان ايروناٽيڪل ڪمپليڪس (پي اي سي) ڪامره جو دورو ڪيو. سندس اچڻ تي پاڪ فضائيه جي دستي کيس سلامي ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو فضائي دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ پاڪ فضائيه جي پيشيواراڻي صلاحيت ۽ فرضن جي بهتر ادائيگي ساراهه جوڳي آهي. وزيراعظم کي پاڪستان ايروناٽيڪل ڪمپليڪس ڪامره جي مختلف منصوبن خاص طور تي ملٽي رول ويڙهاڪ جهاز جي ايف 17 ٿنڊر جي ملڪي سطح تي پيداوار بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.