اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو چيو آهي ته عمران خان پنهنجي پهرئين خطاب ۾ ڀارت طرف جيڪي ٻه قدم وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، اهو بيان پنهنجي اندر گهڻو ڪجهه سمائي ويو، سمورن مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي، ڳاڙهي سمنڊ ۾ ڪو به ترڻ نه چاهيندو، ڪشمير ڪائونسل جي اڳوڻي ميمبر چوڌري حميد پوٺي جي گهر رميز راجا، سينيٽر فيصل جاويد ۽ ٻين سان گڏ پرهجوم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نوجوت سنگهه سڌو چيو ته هو جيڪا محبت کڻي آيو هئس ان کان سئو ڀيرا وڌيڪ محبت کڻي وڃي رهيو آهيان.