APP06-17 ISLAMABAD: August 20 - President Mamnoon Hussain administering the oath of office to Federal Cabinet during the oath taking ceremony at Aiwan-e-Sadr. Prime Minister Imran Ahmed Khan Niazi is also present. APP

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) صدر ممنون حسين ٽن عورتن سميت 16 رڪني وفاقي ڪابينا کان حلف ورتو. حلف برداري جي سادي پر پروقار تقريب ڪالهه سومر ڏينهن ايوان صدر ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان پڻ موجود هو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري، سنڌ جي نامزد گورنر عمران اسماعيل، پنجاب جي نامزد گورنر چوڌري سرور، سياسي اڳواڻن، پارليامينٽرين ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب جي باقاعده شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي.