APP50-31 ISLAMABAD: August 31 - Governor Sindh Imran Ismail called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شهر قائد جي عوام جي مسئلن جي مڪمل ڄاڻ آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪراچي ۾ امن امان جي ماحول کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ عوام کي درپيش مسئلن جي مستقل حل لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.