اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق نئين چونڊيل اسپيڪر اسد قيصر کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سياسي اختلاف جي باوجود هڪٻئي جي عزت ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نئين چونڊيل اسپيڪر اسد قيصر جي طرفان صدارت جي ڪرسي سنڀالڻ کانپوءِ مبارڪباد واري تقرير ۾ سردار اياز صادق چيو ته نئين چونڊيل اسپيڪر کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، خورشيد شاهه کي به سٺو مقابلو ڪرڻ ۽ روايت برقرار رکڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو.