اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) نگران اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته ڪنهن به چينل تي پابندي جي حوالي سان ڪي هدايتون جاري ناهن ٿيون، آئون آزادي اظهار جي راءِ تي يقين رکندو آهيان، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان جي اعتراض واري نقطي جو جواب ڏيندي هن چيو ته پيمرا قانونن تحت حڪومت پيمرا کي ڪي هدايتون جاري نٿي ڪري سگهي.