APP38-26 ISLAMABAD: July 26 – Chairman, Pakistan Tehrik-e-Insaaf (PTI) Imran Khan during the first post-election address after the convincing victory of PTI in the general election 2018. APP photo by Javed Qureshi

اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اليڪشن کٽڻ تي الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو، 22 سالن جي جدوجهد ڪامياب ٿي ۽ نئون پاڪستان بڻائڻ جو خواب پورو ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، سمورن مخالفن کي معاف ڪريان ٿو. عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ قوم کي پهريون خطاب ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته اليڪشن کٽڻ تي الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو، 22 سالن جي جدوجهد ڪامياب ٿي ۽ نئون پاڪستان بڻائڻ جو خواب پورو ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، هن چيو ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ منشور تي عمل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ تاريخي اليڪشن ٿي آهي، ماڻهن قربانيون ڏنيون.